پراڻي ٺيڪراٽي

پراڻي ٺيڪراٽي: هي تاريخ کان اڳ جي دؤر (Pre Historic Period) جو دڙو 690 13' 40" اوڀر، 270 39' 25" ڳوٺ پراڻي ٺيڪراٽا تعلقي روھڙي، ضلعي سکر ۾ آهي. ھي ماڳ جديد ڳوٺ ٺيڪراٽا جي ڏکڻ اولهه ۾ ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ناگري روڊ کان 200 ميٽر اولهه تي ۽ 43 ڪلوميٽر روھڙيءَ جي اوڀر ۾ آهي. هي ماڳ اتر ڏکڻ ڊيگھه ۾ 329 ميٽر ۽ اوڀر- اولهه 220 ميٽر ويڪرو آھي. ھي ماڳ واريءَ جي هڪ ٽٻي تي آھي، جتي تازين بيٺڪن جا نشان واضح آھن، جنھنڪري ملندڙ وٿون به مختلف زمانن جون آھن. ملندڙ وٿن ۾ پٿر جون ڪورون، ٺڪر جا مجسما، چوڙين جا ڀڳل ٽڪر، مجسمن جو ٽنگون وغيره شامل آهن. مورتين جي هڪ ڌڙ تي رنگ روغن ٿيل آھي. ان کان سواءِ ڪنا، ٿالھيون، پيالا ۽ چلمن جا ٽڪرا به لڌا ويا آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو